مواد ڏانھن هلو

وڪيپيڊيا:اڄ جو لفظ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هيٺ مُک صفحي تي ڏنل ”اڄ جو لفظ“ واري ڀاڱي جي فهرست ڏنل آهي.

اڪثر چيو ويندو آهي: آءٌ / آئون ڪنڊيارو مان پيو اَچان.
سنڌي ٻوليءَ جي ويڪارڻي سٽاءَ موجب، هينئن هئڻ گهرجن:
آءٌ / آئون ڪنڊياري مان پيو اَچان.
يا: هُو ڪالهہ ممبئي ويو، درست جملو، هو ڪالهہ ممبئيءَ ويو.

ڇمڪڻي
پَسارڪي وکر جو هڪ قسم
امَلتاس جي هڪ ڦَرِي، جيڪا ڇِمڪَڻ جو آواز ڪندي آهي.

بانڪڙو
ڪاٺ جي پٽين يا ڏَڪن مان ٺهيل بينچ
جنهن کي ٽيڪ ڏيڻ لاءِ پُٺ بہ لازمي هجي
هن قسم جون بينچون هوٽلن تي ڏسبيون آهن. بانڪڙي مان ئي ٻاڪڙا هوٽل جو اصطلاح ٺهيو آهي.

پاڃاري
هڪ قسم جو زرعي اوزار آهي.
نار، ڍڳي گاڏي، ڇَڪڙي ۾ جانور جوٽڻ لاءِ ڪم ايندي آهي.
پاڃاري جو جمع پاڃاريون ٿيندو.