مواد ڏانھن هلو

مدد:تعارف

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

چند فائدا

[سنواريو]
  1. وڪيپيڊيا هڪ عالمگير ۽ گھڻ لساني ويبسائٽ آهي ۽ ان تي لکي ويندڙ توهان جي تحرير پڻ عالمگير هوندي، جنهن کي هر ڪوئي پڙهي سگھي ٿو.
  2. وڪيپيڊيا توهان کي ورلڊ وائيڊ ويب تي لامحدود فضا (space) مهيا ڪري ٿو، جنهن تي توهان جيتري قدر چاهيو پنهجي قلم جي صلاحيت استعمال ڪري سگهو ٿا۔
  3. وڪيپيڊيا توهانکي توهانجو ذاتي صفحو (تصويري خاڪو profile page) مهيا ڪري ٿو ، جنهن تي توهان پنهنجي باري ۾ آزادي سان ڪجهه به لکي سگھو ٿا.
  4. وڪيپيڊيا توهانکي قلمي دوستي مهيا ڪري ٿي جيڪو هر وقت ۽ هر مرحلي تي توهان سان گڏ هوندي۔
  5. وڪيپيڊيا توهانکي هر مشڪل تي فوري مدد فراهم ڪندي ته جيئن توهان پنهنجي تحرير لکڻي بخوبي مڪمل ڪري سگهو۔
  6. توهان جو جيڪو به مضمون جامع ۽ معیاري هوندو وڪيپيڊيا انکي چونڊيل مضمون جو درجو ڏئي ڪري مُک صفحو جي زينت بڻائيندي۔
  7. هر مضمون جي سوانح ۾ ترميم ڪندڙ جو نالو، هميشه جي لاءِ محفوظ ٿي ڪري تاريخ جي زينت بڻجندو۔ بي فڪر ٿي ڪري ڪابه تحرير يا ترميم ڪري سگهي ٿا ۽ ان ۾ ڪنهن قسم جي گهٻراهٽ يا فڪر کان ڪم نه وٺو هن وڪيپيِڊيا ۾ هر ڪوئي تقريباً هر صفحي ۾ ترميم ڪري سگهي ٿو ۽ توهانکي پنهنجي ذهني ۽ تخليقي صلاحيتون استعمال ڪرڻ جي دعوت ڏجي ٿي. پر ڌيان رهي، لِکڻ وارن (ڀاڱيدارن) کي به پنهنجي تحريرن لِکڻين ۾ معيار ۽ اخلاقي قدرن کي پيش نظر رکڻ گهرجي۔ جيڪڏهن ڪوئي نقص محسوس ٿئي ته انکي دور ڪري ڇڏيو، اگر ڪٿي ڪوئي هجِي، لفظ جي اچار جي غلطي نظر اچي ته انکي درست ڪري ڇڏيو ۽ جيڪڏهن ڪائي به گهٽتائي هجي ته انکي بهتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو۔

وڪيپيڊيا کي استعمال ڪرڻ سان توهان وڪيپيڊيا کي ڪوئي نقصان نه پهچائيندا ۽ انکي آزاداڻي ۽ بي فڪر استعمال ڪرڻ سان ان ۾ ڪائي به ٽوڙ ڦوڙ يا خرابي نه پيدا ٿيندي ۽ ڪوئي نقص ٿي به ويو ته انکي درست ڪري سگهجي ٿو۔ تنهنڪري قدم وڌائيو؛ ڪجهه لِکو ، ڪجهه درست ڪريو ۽ هن ڄاڻ چيڪلي کي معلومات جو هڪ بهترين ذخيرو بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي ڪوششون صرف ڪريو.

وڪي ۾ ترميم ڪيئن ڪجي

ڇو نه ايڊيٽر کي هاڻي ئي آزمائڻ جي ڪوشش ڪريو؟

  1. هتي ڪلڪ ڪريو ترميم لاءِ مشڪ پٽي, ٽيڪسٽ ترميمن بڻائڻ جي لاءِ هڪ جڳهه. (جيڪڏهن هتي پهرئين کان ڪجهه لِکت آهي، متن جي آخر ۾ شامل ڪريو.)
  2. ڪجهه متن ٽائپ ڪريو،لکو.
  3. ڪلڪ پيش نگاه پنهنجين تبديلين جي جانچ ڪريو, يا صفحو سانڍيو ايئن لڳي ٿو جهڙي طرح اهو نظر اچي ته توهان خوش ٿي وڃو.

وڌيڪ ڏسو

[سنواريو]

وڪيپيڊيا زيرو