مواد ڏانھن هلو

مدد:وڪيپيڊيا جو تعارف

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
وڪيپيڊيا ۾ ڀاڱيدار ٿيو
وڪيپيڊيا ھڪ کليل انسائيڪلوپيڊيا آھي، جنھن کي گڏجي استعمال ڪندڙن لکيو آھي. 2001ع کان انگريزي وڪيپيڊيا تمام تيزي سان ترقي ڪئي آھي ۽ ھن وقت ان ۾ لکين مضمون شامل آھن، جڏھن تہ سنڌي وڪيپيڊيا جو اجراءُ 2006ع تي ٿيو ۽ ھن وقت ان ۾ 18,168 مضون آھن. وڪيپيڊيا کي مختلف ٻولين ۾ اربين ماڻھو ھر مھيني ڏسن ۽ پڙھن ٿا، وڌيڪ تفضيل لاءِ وڪيپيڊيا بابت پڙھو.

اوھان ڪيئن ڀاڱيدار ٿي سگهو ٿا

A 3D-printed Wikipedia globe being held in someone's hands

سنوارڻ کان ڊڄو نہ ڪير بہ وڪيپيڊيا جو ھر صفحو سنواري سگهي ٿو. ڪا بہ غلطي نظر مان گذري، ان کي سنواريو. اوھان ڪو بہ مواد داخل ڪري سگهو ٿا، پر حوالو ڏيڻ ضروري آھي. اوھان تصويرون پڻ شامل ڪري سگهو ٿا، پر اھي تصويرون کليل، آزادي اجازتنامن سان ھجن، ۽ حق ۽ واسطن سان تحفضيل نہ ھجي. اوھان لکيل مواد ۾ چُڪون ڳولي درست ڪري سگهو ٿا، ۽ نوان واپرائيندڙن کي سنوار کان اڳ ٿورو خوف ٿيندو آھي، پر ڊڄو نہ، ۽ ڪو بہ مضمون کڻي سنوارڻ شروع ڪيو، ڪير بہ ڄمندي ڄام ناھي ھوندو.

ھر مضمون سان گڏ ھڪ بحث صفحو شامل آھي، اوھان ڪا راءِ اتي بہ لکي سگهو ٿا، ڪو ماھر سنواريندڙ اوھان جي راءِ تي ان مضمون کي بھتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو.


وڪي برادري جي ھڪ واپرائندڙ جا خيال ٻڌو.

پنھنجو کاتو کوڪيو

اوھان وڪيپيڊيا کي بغير ڪنھن کاتي جي پڻ سنواري سگهو ٿا، پر کاتي کولڻ جا ڪيترائي فائدا آھن، ۽ کاتو کولڻ بلڪل مفت ۽ آسان آھي.

کاتو کوليو

سنوارڻ جا خواھشمند آھيو؟

اوھان تجرباتي طور پنھنجي مشق پٽي ڪجھ لکي ۽ شايع ڪري سگهو ٿا. ڪي بہ جملا لکو ۽ جڏھن لڳي تہ سڀ ڪجھ درست نظر اچي پيو تہ صفحو ڇاپيو تي ڪلڪ ڪيو، اوھان جو لکيل متن محفوظ ٿي ويندو، ڊڄو نہ، ھي مش پٽي صرف تجربا ڪرڻ لاءِ آھي.

وڪيپيڊيا ۾ اوھان لاءِ اڃا گهڻو ڪجھ آھي

وڪيپيڊيا صرف مضمونن جو مجموعو ناھي، ھتي اسان جي برادري ھر وقت اوھان جي مدد لاءِ حاضر آھي.

اوطاق – سواريندڙن لاءِ ھتي مدد شامل آھي
مندرجات – صلاح مشھورن لاءِ