مواد ڏانھن هلو

حسن علي آفندي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
حسن علي آفندي
Hassan Ali Effendi

خانبھادر
پيدائش 14 آگسٽ 1830(1830-08-14)
هالا، حيدرآباد، سنڌ
وفات 20 آگسٽ 1895 (عمر 65 سال)
ڪراچي
قوميت سنڌي
پيشو سرڪاري ملازم، وڪيل، سماج سڌارڪ
مشھور ڪم سنڌ مدرسة السلام، ڪراچي (ھاڻي سنڌ مدرستہ الاسلام يونيورسٽي) جو قيام
اِنفلوئنس شخصيتون سرسيد احمد خان

حسن علي آفندي (Hassan Ali Afandi؛ 14 آگسٽ 1830ع - 20 آگسٽ 1895ع) ڏکڻ ايشيا ۾ هڪ تعليمي ماهر هو، جنهن کي برطانوي هندستان ۾ پهرين مسلم اسڪولن مان هڪ، سنڌ مدرسة الاسلام (سال 1885ع ۾ قائم ڪيل) جي باني طور سڃاتو وڃي ٿو، جيڪو اڄوڪي سنڌ، پاڪستان ۾ ڪراچي ۾ واقع آهي.

پاڪستان جي باني، قائد اعظم، محمد علي جناح، جيڪو سال 1887ع ۾ مدرسي ۾ داخل ٿيو، جو شمار اسڪول جي مشهور گريجوئيٽن مان ٿيندو آهي. اسڪول جي ٻين قابل ذڪر گريجوئيٽس ۾ سر شاهنواز ڀٽو، حاجي عبدالله هارون، سر غلام حسين هدايت الله ۽ علامه آءِ آءِ. قاضي شامل آهن.

پس منظر

[سنواريو]

حسن علي آفندي 14 آگسٽ 1830ع تي هالا، سنڌ، برطانوي هندستان ۾ پيدا ٿيو. آفندي جو تعلق حيدرآباد، سنڌ جي آخوندن جي هڪ معزز خاندان سان هو. هي خاندان ترڪي نسل هو. حسن علي ننڍي هوندي ئي پنهنجي والد کي وڃائي ڇڏيو ۽ سندس پرورش سندس وڏو ڀاءُ، اميد علي آخوند ڪئي. جيئن ته آخوند خاندان جي روايت موجب، هن کي هڪ مقامي مدرسي ۾ قرآن سکڻ ۽ پڙهڻ ۽ فارسي زبان جي بنياديات سکڻ لاءِ داخل ڪيو ويو. هن روايتي تعليم پوري ڪرڻ کان پوءِ، حسن عليءَ کي نوشهرو فيروز جي ڊپٽي ڪليڪٽر جي آفيس ۾ ڪلرڪ جي نوڪري ملي. اتي سندس هڪ عيسائي ساٿيءَ، کيس انگريزي سکڻ لاءِ قائل ڪيو، اها ٻولي، جيڪا ان وقت برصغير ​​هندستان ۾ مسلمانن ۾ سکڻ عيب سمجهي ويندي هئي. ان جي باوجود، هن پنهنجي فرصت جو سمورو وقت انگريزي سکڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيو ۽ جلد ئي انگريزي پڙهڻ، لکڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ مناسب مهارت حاصل ڪري ورتي.

بعد ۾، حسن علي آفندي انڊس فلوٽلا، هڪ شپنگ ڪمپني لاءِ ڪم ڪرڻ لڳو. 1860ع واري ڏهاڪي جي وچ ڌاري، جڏهن هو اڃا ڪمپنيءَ ۾ ڪم ڪري رهيو هو، ته ڪراچيءَ مان هڪ انگريز جج، مڊلٽن نالي، هڪ ٻيڙيءَ ذريعي سنڌو درياهه، صبح جو پار ڪرڻ لاءِ، هڪ ٻيءَ ٻيڙيءَ تي رات گذاري. مڊلٽن حسن علي آفندي کي هڪ انگريزي ڪتاب پڙهندي ڏٺو، جيڪا هو آئل ليمپ جي مدھم روشنيءَ ۾ پڙهي رهيو هو. اهو ڏسي حيران ٿيس ته اهو شخص مسلمان هو، هن ڪافي متاثر ٿيو ۽ کيس ڪراچيءَ جي ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ۾ سٺ روپيه مهيني جي شاندار پگهار تي مترجم جي حيثيت سان ملازمت پيش ڪيو.

ڪيريئر

[سنواريو]

تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ پهريائين پندرهن ويهن روپين تي ”جهرڪ“ ڳوٺ جي ويجهو، راڄي نظاماڻي ڳوٺ وٽ درياءَ جي پتڻ تي ”ڏاڪ منشي“ مقرر ٿيو . ان وقت درياءَ جي مختلف پتڻن تي ڪاٺيون گڏ ڪري، ٻيڙين رستي جدا جدا شهرن ڏانهن موڪليون وينديون هيون. انهن ڪاٺين کي ”ڏاڪ“ سڏيو ويندو هو. جلد ئي نوشهروفيروز جي ڊپٽي ڪليڪٽر جي آفيس ۾ ويهن پنجويهن روپين پگهارتي منشي مقرر ٿيو. اتي جي ڪلارڪ کان واندڪائيءَ واري وقت ۾ انگريزي سکيائين. جلد ئي انگريزي لکڻ، پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ جهڙو ٿيو. انهن ڏينهن ريلوي ڪانه هئي، ۽ سکر ۽ ڪوٽڙيءَ جي وچ ۾ ”“انڊس فلاٽيلا“ نالي جهاز هلندو هو. ميان مرحوم کي ڪجهه وڌيڪ پگهار سان ان جهاز جي ڪوٽڙيءَ واري آفيس ۾ ڪلارڪي ملي ويئي. اتي هن پنهنجي لياقتن ۽ صلاحيتن سبب چڱو نالو ڪڍيو، ۽ انگريزيءَ ۾ به وڌيڪ مهارت حاصل ڪيائين. سندس لياقت ۽ محنت کي ڏسي، ڪراچيءَ جو جج مسٽر ملٽن کائنس ڏاڍو متاثر ٿيو، ۽ کيس ڊسٽرڪٽ ڪورٽ ڪراچي جو سرشتيدار ۽ ترجمان مقرر ڪيائين[1]. ڪورٽن ۾ هن وڪيلن جي ڪارڪردگي ڏٺي، ۽ قانوني موشگافيون ٻڌيون. ان مان گهڻو ڪجهه پرايائين، ۽ محنت ڪري انگريزيءَ ۾ به هڻي مهارت حاصل ڪيائين. قانون ۾ ايتري قدر ته ڄاڻ حاصل ڪيائين، جو مسٽر ملٽن، امتحان پاس ڪرڻ کان سواءِ کيس وڪالت جي سند ڏني، ۽ هو حيدرآباد ۾ وڪالت ڪرڻ لڳو[1].نهن ڏينهن ۾ مسلمان وڪيل اصل ڪونه هوندا هئا. ۽ جوابدار اڪثر مسلمان هوندا هئا. انهيءَ ڪري حسن علي مرحوم کي تمام گهڻا ڪيس ملڻ لڳا. هن به ڪيسن تي خوب محنت ڪري، وڪالت ۾ چڱو نالو ڪڍيو. ڪجهه وقت کان پوءِ هو سرڪاري وڪيل يا پبلڪ پراسڪيوٽر ۽ گورنمينٽ پليڊر مقرر ڪيو ويو. آخر ڪراچيءَ ۾ اچي رهڻ لڳو، ۽ اتي پنهنجي آفيس قائم ڪيائين. انهيءَ عهدي تي 13-14 سال ڪم ڪيائين. انهن ڏينهن ۾ ڪيترائي جج آيا، جن سڀني کيس سٺا سرٽيفڪيٽ ڏنا، ۽ سندس هوشياريءَ جي تعريف ڪئي[1]. مسٽر مئڪفرسن، جڊيشنل ڪمشنر کيس سمال ڪاز ڪورٽ جي جج جي آڇ ڪئي، پر هن اها قبول نه ڪئي.[1] وڪالت ۾ هن چڱو ناڻو ڪمايو، ۽ مئڪلوڊ روڊ تي بنگلو ٺهرائي، خوشحال زندگي گذارڻ لڳو، پنهنجي خوش اخلاقيءَ سبب معاشري ۾ به پاڻ کي ڏاڍو مقبول بنايائين، جنهن ڪري عام توڙي خاص کيس عزت ۽ احترام جي نظر سان ڏسڻ لڳا[1].

خدمتون

[سنواريو]

انهن ڏينهن ۾ مسلمان، جديد تعليم ۾ ڏاڍو پوئتي پيل هئا. کيس مسلمانن جي ترقي ۽ واڌاري جو سدائين اونو رهندو هو. هن جو خيال هو، ته مسلمان پڙهي پون، ته جيئن ٻين قومن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي، زماني جي حالتن موجب زندگيءَ جي ڊوڙ ۾ حصو وٺي سگهن. اهو مقصد سامهون رکي، هن مسٽر ڏيارام ڄيٺمل سان گڏجي ”سنڌ سڀ“ ۾ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، پر هن محسوس ڪيو ته ان مان مسلمانن کي خاصو فائدو نه ٿو ملي[1]. اتفاق اهڙو ٿوي جو انهن ڏينهن ۾ ڪلڪتي جي ”محمدن ائسوسئيشن“ جو باني، مشهور اهل قلم ۽ بيريسٽر امير علي ڪيس جي سلسلي ۾ سنڌ ۾ آيو، ان جي صلاح سان حسن علي مرحوم ڪوشش وٺي ڪراچي ۾ ”محمدن ائسوسئيشن“ قائم ڪئي، پهريائين اهو ادارو ڪراچيءَ واري انجمن جي شاخ هئي، پر جلدئي پوءِ خودمختيار اداري جي حيثيت ۾ ڪم ڪرڻ لڳو. حسن علي آفندي مرحوم ان جو صدر ٿيو، ۽ ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن جا مک ماڻهو ان جا ميمبر ٿيا. ڪراچيءَ کان سواءِ حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ به ان جون شاخون قائم ڪيون ويون. انهيءَ انجمن سنڌ جي مسلمانن جا اهنج دور ڪرڻ ۽ مسلمانن جي تعليم جي سڌاري ۽ واڌاري جي سلسلي ۾ تمام گهڻي ڪوشش ورتي. سنڌ انڪمبرڊ اسٽيٽ ائڪٽ، انهيءَ انجمن جي ڪوشش سان جاري ٿيو.[1] حسن علي آفندي مرحوم محسوس ڪيو، ته مسلمانن جي تعليم جي حصول لاءِ هڪ جدا اسڪول جي ضروت آهي، جنهن ۾ ديني تعليم جو به معقول بندوبست هجي. ان سان گڏ بورڊنگ به هجي، جتي سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جا شاگرد اچي رهن. انهيءَ رٿ کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ وڏي جدوجهد ڪيائين. سڄي سنڌ گهمي چندا گڏ ڪيائين، ۽ سڀني ميونسپالٽين ۽ لوڪلبورڊن کان به رقمون ڇڏايائين. نه فقط ايترو پر ان ڪم لاءِ هندستان جي ٻين شهرن جهڙوڪ: بمبئي، ڪلڪتو، مدراس، حيدرآباد دکن جا دورا به ڪيائين. مخالف ڌر سندس ڪم ۾ اٽڪاءُ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن هر ڳالهه کي مڙس ٿي منهن ڏنو. آخر سندس ڪوششن رنگ لاتو، ۽ 1885ع ۾ بولٽن مارڪيٽ جي سامهون ”سنڌ مدرسته الاسلام“ جاري ٿيو. ان جو پهريون پرنسپال مولوي عمرالدين مقرر ٿيو. جو پنجاب کان آيل هو. ان کان پوءِ حسن علي آفندي جو فرزند ولي محمد 1887ع کان 1897ع تائين پرنسپال رهيو. هو ان کان اڳ ۾ شڪارپور هاءِ اسڪول جو پرنسپال هو[1] سال 1881ع ۾ حسن علي آفندي مرحوم ڪراچي ميونسپالٽيءَ جو ڪائونسلر ٿيو. سال 1891ع ۾ سنڌ جي جاگيردارن ۽ زميندارن پاران بمبئيءَ جي گورنر جي ڪائونسل جو ميمبر ٿيو. انهن عهدن تي رهي به هن تعريف جوڳا ڪم ڪيا. اهوڏسي سرڪار به سندس عزت ڪرڻ لڳي. سندس حسن خدمتيءَ سبب سال 1888ع ۾ کيس سرڪار ”خانبهادر“ جو خطاب ڏنو[1].سال 1875ع ۾ روس، بين الاقوامي معاهدن جي خالف ورزي ڪندي، ترڪيءَ سان جنگ جوٽي. ترڪن جي زخمي سپاهين جي مدد لاءِ حسن علي مرحوم چندو گڏ ڪري اوڏانهن موڪليو، انهيءَ ڪري ترڪي سلطان طرفان کيس ”مجيدي“ تمغو ۽ ”آفندي“ جو خطاب مليو. ان سان گڏ کيس ڪراچي ۾ ترڪي حڪومت جو سفير مقرر ڪيو ويو[1].

سنڌيڪا انسائيڪلوپيڊيا جو بيان

[سنواريو]

ان وقت سنڌ ۾ انگريزن جو نئون نئون دؤر هو. پراڻي نظام جي جاءِ تي هڪ نئون نظام متعارف ٿي رهيو هو. سندس پٽ علي احمد ۽ اڪبر وڏا ٿيا ته کين عليڳڙهه ڪاليج ۾ داخل ڪرائڻ لاءِ اتي وٺي ويو، جتي سندس ملاقات سر سيد احمد خان سان ٿي. ٻنهي جي وچ ۾ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ان ملاقات جي ئي اثر هيٺ، حسن علي آفنديءَ 1885ع ۾ ”نئشنل محمدن ائسوسيئيشن“ جي قائم ڪيل بورڊ تحت ”سنڌ مدرسة الاسلام“ جو بنياد وڌو. ائسوسيئيشن جو بنيادي مقصد، سرڪاري ادارن ۾ مسلمانن جي مناسب نمائندگي حاصل ڪرڻ هو. ائسوسيئيشن جو مڪمل انتظام حسن علي آفنديءَ جي حوالي هو. سندس محنتن سان ائسوسيئيشن، مختلف پليٽ فارمن تان مسلمانن جي حقن جي حاصلات جو هڪ مؤثر وسيلو بڻجي وئي. ”سنڌ مدرسة الاسلام“ جي عمارت تعمير ڪرڻ لاءِ هن سر سيد احمد خان جي نقشِ قدم تي هلندي، پوري هندستان جو دورو ڪري، چندو گڏ ڪيو ۽ هيءُ مدرسو مستحڪم بنيادن تي ترقي ڪندو رهيو. هن مدرسي مان مشهور هستين، قائداعظم محمد علي جناح، سر شاهنواز ڀُٽي، ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي، محمد ابراهيم جويي، رسول بخش پليجي ۽ ٻين تعليم پرائي.
حسن علي آفندي، نه صرف تعليمي ميدان ۾ پاڻ پتوڙيو، پر هن ميونسپل ڪائونسلر بمبئي، اسيمبلي ميمبر ۽ نئشنل محمدن ائسوسيئيشن جي صدر جي حيثيت سان پڻ، مسلمانن جي حقن جي حفاظت لاءِ جدوجهد ڪئي. سندس اعليٰ انساني خدمتن جي مڃتا طور، کيس ”خانبهادر“ جو خطاب مليو. ترڪيءَ ۽ روس جي جنگ دوران، پوري هندستان مان چندو گڏ ڪري، ترڪيءَ جي مدد ڪرڻ سبب کيس ترڪيءَ طرفان ”ترڪي قونصل“ جو اعزاز ڏنو ويو. ترڪيءَ جي سلطان طرفان ”تمغه مجديي“ ۽ 1889 ۾ ”اَفندي“ جو لقب پڻ مليس.[2]

وفات

[سنواريو]

سن 1895ع ۾ سنڌ جي هن عظيم سپوت وفات ڪئي. کيس سندس وصيعت موجب 24 آگسٽ تي حيدرآباد ۾ سندس باغ ۾ دفنايو ويو[1]. سندس وفات تي ڪيترن ئي شاعرن شعر لکيا. مرزا قليچ بيگ مرحوم سندس وفات جي تاريخ هن طرح منظوم ڪئي آهي.

خوش گفت که ”شدبهار آخر“ هم گفت که ”رحمت خداوند“.

— مرزا قليچ بيگ

[1]

حوالا

[سنواريو]
  1. 1.00 1.01 1.02 1.03 1.04 1.05 1.06 1.07 1.08 1.09 1.10 1.11 حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named عبدالمجيد
  2. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=آفندي%20حسن%20علي