مواد ڏانھن هلو

ڪشمير تڪرار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪشمير جو خطو

مسئلو ڪشمير (Kashmir Dispute) پاڪستان، ڀارت ۽ ڪشمیري حریت پسندن جي وچ ۾ قبضي ھيٺ (مقبوضہ) ڪشمير جي مالڪي جو تنازعو آھي. ھي تڪرار ھندستان جي ورھاست کان ھلي رھيو آھي. ڪشمير معاملي تي ھندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ٽي جنگيون ٿي چڪيون آھن. پھرئين جنگ 1947ع، ٻئي 1967ع ۽ ٽئين 1999ع سياچن ۾ وڙھي وئي. ان کانسواءِ ڪڏھن ڪڏھن ڄمون ڪشمير ۾ ڀارت ۽ پاڪستان جي سرحد جنھن کي لائن آف ڪنٽرول (ايل او سي) چئيو ويندو آھي اتي پڻ گولاباري جي ڏي وٺ ٿيندي آھي. جنھن ۾ ٻنھين ملڪن جي شھري آبادي نشانو بڻجندي آھي.

انڊيا واري پاسي کي ڄمون ڪشمير يا انڊيا جي قبضي ھيٺ ڪشمير (IOK) سڏبو آھي ۽ پاڪستان واري پاسي کي آزاد ڪشمير يا پاڪستان جي قبضي ھيٺ ڪشمير (POK) سڏبو آھي. ڄمون ڪشمير جي حريت پسند گروپن ۾ ڪجهه گروپ ڪشمير جي مڪمل آزادي جا حامي آھن تہ ڪجهه انکي پاڪستان جو حصو بڻائڻ چاھين ٿا.

سال 2010ع ۾ ھندوستان جو ڪنٽرول 43 سيڪڙو حصي تي ھيو جنھن ۾ مقبوضہ ڪشمير، ڄمون، لداخ ۽ سياچن گليشئير شامل آھن، جڏھن تہ پاڪستان جي قبضي ھيٺ 37 سيڪڙو حصو آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي علائقي تي شامل آھي.

حوالا

[سنواريو]