مواد ڏانھن هلو

اولڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

اولڙو (Reflection ):عڪس يا پردو، -ان- کي روشنيءَ جي موٽ (Reflection) به چئبو آهي. جيئن ته روشني سڌي ليڪ ۾ حرڪت ڪري ٿي، تنهنڪري غير شفاف (Non-Luminious) جسمن تي روشنيءَ جا ڪرڻا پوڻ سان، اهي سمورا يا ڪجهه موٽ کائيندا آهن. پر جيڪي شيون لسيون ۽ وڌيڪ چمڪدار ٿينديون آهن، سي روشنيءَ جي ڪرڻن کي وڌيڪ نمايان ۽ سُٺيءَ طرح واپس ڪنديون آهن. جيئن آئينو يا ڪنهن ٻي شيءِ جي لسي سطح ۽ پاليش ٿيل سطح. اهڙي قسم جي اولڙي کي روشنيءَ جي باقاعدي موٽ (Regular Reflection) چئبو آهي. جڏهن اسين ڪو آئينو سج طرف جھليندا آهيون ته اس موٽ کائيندي آهي ۽ پوءِ آئيني جو رُخ جنهن طرف به ڦيرائيندا آهيون، -اولڙو- به انهيءَ طرف ئي رخ ڪندو آهي. آئيني وارو -اولڙو- ايترو ته چِٽو هوندو آهي، جو جيڪڏهن اهو ماڻهن جي اکين تي پوي، ته يڪدم -اکيون- پورجي وينديون اٿس. جهڙي ريت سج طرف -اکيون- کڻي نه سگھبيون آهن. روشنيءَ جي موٽ جا قاعده مشهور سائنسدان ابن الهيشم (Ibn-ul-Hasham) معلوم ڪيا[1].

حوالا

[سنواريو]