مواد ڏانھن هلو

آبپاشي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
هڪ ڪئنال

زرعي زمين کي پاڻي پھچائڻ واري سرشتي کي ”آبپاشي“ چئبو آھي. سنڌ ۾، پنج ھزار سال اڳ ”موھن جي دڙي“ واريءَ تهذيب ۾ آبپاشيءَ جو بھترين نظام موجود ھو. اڄ به سنڌو درياھ جو پاڻي آبپاشيءَ لاءِ استعمال ٿئي ٿو.

اڳين وقتن ۾ سنڌ ۾ آبپاشيءَ جا ٽي طريقا ھوندا ھئا: 1- چرخي، 2- موڪي ۽ 3- -بوسي-. پھرئين طريقي کي ”چاڙھي واري آبپاشي“ سڏيو ويندو ھو، ڇو ته ھن طريقي ۾ ھرلي يا نار ذريعي پاڻي مٿي کڻي، زمين ڏانھن نيڻو پوندو ھو. جيڪڏھن زمين ھيٺاھينءَ ڏانھن ھوندي ھئي ۽ ڪنھن ڪڙئي يا شاخ مان پاڻي زمين ڏانھن وھي سگھندو ھو ته انھيءَ سرشتي کي ”موڪي“ يا ”وھڪري واري آبپاشي“ سڏيو ويندو ھو. جڏھن واھ ۾ پاڻيءَ جي سطح اوچي ھوندي ھئي ته قدرتي طرح ھيٺ ٻنيءَ ۾ پاڻي پھچي سگھندو ھو. آبڪلاڻيءَ جي مند جـَهڪي ٿيندي ئي ھاريءَ کي ھُرلو يا نار ڪتب آڻڻو پوندو ھو، جنھن طريقي کي ”چرخي“ سڏيو ويندو ھو. ٽئين طريقي کي ”بوسي“ سڏبو ھو. اھو طريقو خشڪ فصلن، خاص ڪري ڪڻڪ ۽ دالين جي فصلن اپائڻ لاءِ ڪم آندو ويندو ھو. ٻوڏن جي وقت ۾ ٻنيون ٻارا سڀ پاڻيءَ سان تار ٿي ويندا ھئا ۽ جڏھن ٻوڏون ھٽي وينديون ھيون، ته اڌ سڪل وٽائتي زمين کي دستوري طرح ھر ڏيئي، کيڙي پوک ڪئي ويندي ھئي ۽ انھيءَ پوک کي زمين ۾ اچي ويل پاڻيءَ مان ريج ملندو ھو.

سمن جي دؤر ۾، پھريون دفعو، ڄام نندي (نظام الدين سمي) جي وزيراعظم دولهه دريا خان واھ کوٽايا. ھن ان سلسلي ۾ ساڪري پرڳڻي ۽ ٺٽي جي آسپاس ”خانواھ“ ۽ سيوھڻ لڳ پٽ باران ۾ ”ساوه واھ“ کوٽايا.

ڪلھوڙن جو دؤر، سنڌ جي زراعت، آبادي ۽ پورھيتن لاءِ سونھري دؤر ھو. ڪلھوڙا پاڻ آبادگار ھئا ۽ زرعي پيشي کان پوريءَ طرح واقف ھئا، تنھنڪري سندن صاحبيءَ ۾ آبپاشيءَ جي نظام ۾ وڏي تبديلي آئي. ڪلھوڙن جي دؤر ۾ ھيٺيان نوان واھ کوٽايا ويا:

پراڻ، نارو، اڙل، گوني، پڃاري، گونگڙو، لکي، سيتا، بگھاڙ، امرڪس، نورواھ، نصرت واھ ۽ سرفراز واھ، جيڪي اڄ تائين موجود آھن. ٽالپرن جي دؤر ۾ به ڪافي واھ کوٽايا ويا، جن مان باگو واھ، مارک واھ ۽ کورواھ قابل ذڪر آھن.

انگريزن پنھنجي دؤر حڪومت ۾، سنڌو درياهه تي سکر وٽ بند ٻڌايو، جيڪو ”سکر بئراج“ جي نالي سان مشھور آھي. ھن بئراج تي دنيا جو وڏي ۾ وڏو نھري نظام قائم آھي.

ھن وقت آبپاشيءَ جي مقصد سان سنڌ ۾ ٽي بئراج اڏيل آھن: سکر بئراج، گڊو بئراج ۽ ڪوٽڙي بئراج، جن جي واھن تي لکين ايڪڙ زمين آباد ٿئي ٿي.

سکر بئراج مان ست وڏا واھ نڪرن ٿا، جن ۾ ساڄي پاسي کان اتر اولهه ڪئنال يا کيرٿر ڪئنال، رائيس ڪئنال، دادو ڪئنال ۽ کاٻي پاسي کان اڀرندو نارو، اڀرندو خيرپور ڪئنال، روھڙي ڪئنال ۽ الھندو خيرپور ڪئنال نڪرن ٿا. ھنن واھن تي 75 لک ايڪڙ زمين آباد ٿئي ٿي. گڊو بئراج مان ٻه وڏا واھ، بيگاري، سنڌ فيڊر ۽ پٽ فيڊر نڪرن ٿا، جيڪي سنڌ ۽ بلوچستان جي 3 لک 66 ھزار ايڪڙ زمين آباد ڪن ٿا. ڪوٽڙي بئراج مان چار واھ نڪرن ٿا، جن جا نالا ڪلري بگھاڙ، لائين چئنل، ڦليلي ۽ پڃاري آھن. ھنن واھن تي حيدرآباد، بدين، ٺٽي ۽ ڄامشوري ضلعن جي 28 لک ايڪڙ زمين آباد ٿئي ٿي.